سومرو چاچا قاسم

سومرو چاچا قاسم

چاچا قاسم سومرو

چاچا قاسم سومرو : حيدرآباد جي مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ چاچا قاسم سومري، 1943ع ڌاري ڳوٺ حاجي هاشم سومري، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد جمن سومري جي گھر جنم ورتو. سندس وڏا ٺٽي ضلعي جي شهر دڙي جا ويٺل هئا. قاسم سومرو چار درجا سنڌي ڪراچيءَ جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. ان اسڪول جو هي پهريون شاگرد هو، جنهن سنڌي مضمون جي چونڊ ڪئي. باقي سڄي اسڪول ۾ اردوءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. پنجون درجو حيدرآباد ۾ پڙهڻ کانپوءِ محمد قاسم جامعه عربيه اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، پر والد جي وفات سبب کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي. ڏهن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ گھر جون ذميداريون مٿس پيون ۽ مختلف هنڌن تي مزدوريون ڪندو رهيو. 1961ع ۾ سندس شادي ٿي، شاديءَ کانپوءِ هن حيدرآباد شهر جي لجپت روڊ تي ’سنڌ ڊرائي ڪلينرس‘ نالي ’ڌوٻڪو دڪان‘ کوليو. 1970ع ۾ کيس لوڪل گورنمينٽ کاتي ’بلديه حيدرآباد‘ ۾ سينيٽري سب انسپيڪٽر جي ملازمت ملي. محمد قاسم سومري جو ابتدا کان تعلق قوم پرست سياست سان رهيو آهي ۽ ننڍا وڏا، سياسي توڙي غير سياسي ماڻهو، سندس شاندار سماجي ۽ سياسي ڪردار جي ڪري کيس ’چاچا قاسم سومرو‘ سڏيندا هئا. سڀ کان اڳ دوآبي (حيدرآباد) ۾ جيئي سنڌ محاذ جو يونٽ کليو ته ان جو پهريون ميمبر ’چاچو قاسم سومرو‘ ٿيو ۽ چئن سالن تائين سيڪريٽريءَ جون ذميواريون نڀايائين. سياسي سرگرمين سبب ٻه ڀيرا جيل ويو. چاچا قاسم، قومپرست اڳواڻ سائين جي.ايم سيد سان تمام گھڻو ويجھو رهيو ۽ سندس اعتماد وارو ماڻهو رهيو. 1988ع ۾ ’سنڌ قومي اتحاد‘ ٺهيو ته چاچا قاسم ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 30 سيپٽمبر 1988ع وارن لساني فسادن دوران مٿس ڪيس داخل ٿيو ۽ نوڪريءَ تان بر طرف ٿيو، پنج سال روپوشيءَ جي زندگي گذاريائين. روپوشيءَ دوران هن دودي سومري جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ڪچهريون ۽ ليڪچر پروگرام ڪيا. 1993ع ۾ ڳجھن ادارن هٿان کنڀجي، پنجن مهينن تائين گم رهيو، مٿس سخت تشدد ٿيو، جنهنڪري اٿڻ، ويهڻ، ۽ ڳالهائڻ جي سگھه به وڃائي ويٺو، جيڪا آهستي آهستي بحال ٿيس. پنجن مهينن بعد کيس ڪراچيءَ جي اي. ٽي. سي ڪورٽ ۾ چالان ڪري، 18 مهينا سزا ڏئي سينٽرل جيل ڪراچيءَ موڪليو ويو، جيل ۾ هن قيدين جي مسئلن تي ڪيترا ڪالم، اخبارن ۾ ڇپرايا. ’زندان جي جھروڪي مان‘ عنوان سان قومي تحريڪ جو تجزيو لکيايئن، جيڪو ماهوار ’ساڃاهه‘ ۾ ڇپيو. 1995ع ۾ جيل مان آزاد هٿر ٻيهر متحرڪ سياست ڪيائين. چاچا قاسم مستقل مزاج قومي ڪارڪن آهي. 1995ع ۾ سائين جي.ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي گڏائڻ لاءِ عملي طور ڪوششون ورتائين ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو ته ان جو ميمبر ٿيو ۽ ڪيترا ڀيرا ضلعي حيدرآباد جو صدر رهيو. جڏهن 1997ع ۾ سيد جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو ته سندس پراڻي نوڪري بحال ٿي. هن قاسم آباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ طويل جدوجهد ڪئي ۽ ’سومرا ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وڌائين. نسيم نگر حيدرآباد ۾ بلڊ بئنڪ قائم ڪري، ڏورانهن علائقن مان ايندڙ بيمارن کي رت جي سهولت مهيا ڪندو رهيو. ٿر ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ مريضن کي اسپتالن ۾ وٺي سندن علاج ڪرائڻ، کين پنهنجي گھر رهائڻ، سندن خدمت ڪرڻ، مسڪين جهان خان کوسي وانگر مختلف آفيسن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪم ڪرائڻ، قومي ڪارڪنن جي ڪورٽن ۾ پرگھور لهڻ، سندن ضمانتون ڪرائڻ، حيدرآباد جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ قاسم آباد ۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جي شاگردن جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن سماجي ڪمن ۾ هر وقت سرگرم رهي ٿو. چاچا قاسم سومرو ڪل وقتي قومي ڪارڪن آهي، هن وقت عمر رسيده هجڻ باوجود عام ڀلائيءَ جي ڪمن جو سلسلو جاري رکيو اچي. کيس لطيف سائينءَ جي شاعري گھڻي ڀاڱي ياد اٿس. گھر ۾ هڪ بهترين لائبرري پڻ قائم ڪئي آهي.


لفظ چاچا قاسم سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو